ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن، ٻن مانين جي جاءِ تي قوم هڪ ماني کائي، مشتاق غني

خيبرپختون خواه جي اسپيڪر مشتاق غني چيو آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن، ٻن مانين جي  جاءِ تي قوم هڪ ماني کائي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڪي پي جي اسپيڪر مشتاق غني ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن.

هن ويڊيو بيان ۾ چيو ته ملڪ جو عوام ٻن بدران هڪ ماني کائي ۽ جڏهن حالتون بهتر ٿي وينديون ته ٻن بدران اڍائي مانيون کائينداسين.

مشتاق غني جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن معاشي صورتحال خراب هجڻ جون ڳالهيون عام آهن.هاڻ حڪومتي عهديدار به عوام جي ڳڻتي جي تصديق ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*