لاهور ۾ نيب پاران حمزه شهباز جي گرفتاري لاءِ  شهباز شريف جي گهر جو 24 ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو گهيراءُ ڪيو

لاهور ۾ نيب پاران حمزه شهباز جي گرفتاري لاءِ  شهباز شريف جي گهر جو 24 ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو گهيراءُ ڪيو .

نيب ماڊل ٽائون ۾ حمزا شهباز جي گرفتاري لاءِ پهتي ته  نون ليگ جي ڪارڪنن  جو وڏو انگ پهچي ويو.

ن ليگ ڪارڪنن جي احتجاج دوران  پوليس ۽ سياسي ڪارڪن وچ ۾ چڪريون ٿيون،پوليس ڪارڪنن تي  لٺبازي ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي  حراست ۾ وٺي ورتو.

نيب صورتحال تي ضابطو لاءِ رينجرز به طلب ڪري ورتي.پوليس ۽ رينجرز جي اٽالن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ن ليگي ڪارڪنن کي شهباز شريف جي گهر تائين پهچڻ کان روڪي ڇڏيو.

علائقي جي گهيري سبب عام ماڻهن جي داخلا به بند ٿي وئي ۽ ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي ويا.

نيب ۽ پوليس شهباز شريف جي گهر ۾ به داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر  گيٽ بند هئڻ سبب اهلڪار گهر اندر داخل ٿي نه سگهيا.

نيب پاران شهباز شريف جي گهر ۾ داخل ٿيڻ  لاءِ ڏاڪڻ پڻ گهرائي وئي.

ان موقعي تي حمزه شهباز جي ترجمان چيو ته اپوزيشن ليڊر ڪنهن به صورت ۾ گرفتاري نه ڏيندو، هاءِ ڪورٽ جو آرڊر موجود آهي، حمزه شهباز دهشتگرد نه آهي، جيڪا به صورتحال ٿي ان کي منهن ڏنو ويندو.

هن چيو ته اسان جمهوريت پسند آهيون ۽ جمهوري طريقي سان جنگ وڙهنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*