پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته طاهر ميمن جو ڪتاب تاريخي واقعن سان ڀريل آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته طاهر ميمن جو ڪتاب تاريخي واقعن سان ڀريل آهي.

چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احسان ماني جو چوڻ آهي ته طاهر ميمڻ جو ڪتاب تاريخي واقعن سان ڀريل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انڊين رڪرڪيٽ بورڊ سان سٺن لاڳاپن جو ذڪر به ڪتاب ۾ شامل آهي.

لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تاريخ تي طاهر ميمڻ جي لکيل ڪتاب جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن جو خاص مهمان پي سي بي چيئرمين احسان ماني هو.

احسان ماني جو چوڻ هو ته انڊين ڪرڪيٽ بورڊ سان ماضي ۾ بهترين لاڳاپا هوندا هئا.

هن وڌيڪ چيوته طاهر ميمڻ جو ڪتاب حقيقت تي ٻڌل آهي ۽ورلڊڪپ جي ميزباني لاءِ طاهرميمڻ جو تجزيو تمام گهڻو ڪم آيو ۽اڄ به پاڪستان کي اهڙين شخصيتن جي  ضرورت آهي.

——————-

گذريل سال ڏکڻ آفريڪي دوري تي بال ٽيمپرنگ ڪيس ۾سزا کائيندڙ آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر سان گڏ ڪيمرون بينڪرافٽ مٿان مڙهيل پاپندي هاڻي ختم ٿي وئي آهي.

ذريعن جو چُوڻ آهي ته ٽنهي ڪرڪيٽرز جي سزا ختم ٿيڻ بعد هاڻي ورلڊڪپ لاءِ اسٽيو سمٿ ۽ ڊيود وانر کي ڪينگروز جي اسڪواڊ ۾ واپسي يقيني آهي.

اسٽيو سمٿ ۽ ڊيود وانر اڄڪلهه ڀارت ۾جاري انڊين پريميئر ليگ کيڏڻ مصروف آهن.

اسٽيو سمٿ راجستان رائلز جي نمائندگي ڪري ڪري رهيو آهي،جنهن جي ڪپتاني اجنيڪا رهاني ڪري رهيو آهي.

اسٽيو سمٿ شاهد آفريدي جو مداح آهي۽ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بوم بوم جو خطاب آفريدي وٽ آهي.

——————-

پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اڳوڻي صدر فيصل صالح حيات ايشين فتبال ڪنفڊريشن جو نائب صدر چونڊجي ويو آهي.

فيصل صالح حيات اي ايف سي جي تاريخ جو پهرين پاڪستاني نائب صدر آهي.

ايشين فتبال ڪنفڊريشن جو اجلاس ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ فيصل صالح حيات بنا مقابلي اي ايف سي جو نائب صدر چونڊجي ويو.

واضح رهي ته فيصل صالح حيات ايندڙ چئن سالن تائين پنهنجي زميواري سنڀاليندو.

——————

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊڪپ کان پهرين رانديگرن کي تڪرارن کان بچائڻ لا ءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جوچوڻ آهي ته پي سي بي رانديگرن کي تڪرارن کان بچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي سندس سرگرمين کي محدود ڪرڻ لاءِ رٿا بندي ڪئي آهي.

گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي ٽيم آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ بري طرح ناڪام رهي ۽ ٽيم کي پنج ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست نصيب ٿي، پرگرائونڊ کان ٻاهر رانديگرن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال گهڻو نظر آيو.

پي سي بي پاران نئين حڪمت عملي بڻائي وئي آهي،جنهن مطابق سوشل ميڊيا تي رانديگرن جي سرگرمين کي محدود رکيو ويندو ۽ ميچز دوران سوشل ميڊيا جي استعمال تي پاپندي هوندي.

——————-

پورچوگال جي ڪپتان ۽ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو ننڍو پٽ پڻ فٽبال کيڏڻ جوماهر آهي.

ڪرسٽيانو رونالڊو جوننڍو پٽ پڻ فٽبال کيڏڻ ۾ مهارت رکي ٿو.

هي وڊيو ڏسي سگهجي ٿي، جنهن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ننڍي پٽ سان گڏ فٽبال کيڏڻ ۾ مصروف آهي.

ڪرسٽيانو رونالڊو جو هڪ سال جو پٽ ماٽيو پڻ پنهنجي پيءِ جو ڀرپور مقابلو ڪري رهيو آهي.

اهڙي طرح پنهنجي پي سان گڏ فٽبال کيڏڻ جي مهارت ڏيکاريندڙ ننڍي اسٽار فٽبالر ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي،جنهن کي هن وقت تائين لکين ماڻهون ڏسي چڪا آهن.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*