سنڌ ۾ نائين ۽  ڏهين جي امتحانن دوران ڪاپي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

سنڌ ۾ نائين ۽  ڏهين جي امتحانن دوران ڪاپي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، “ڪارتوسن” جو سرعام استعمال، سکر ۾ اڄ به فزڪس جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، سيٺارجا هاءِ سيڪنڊري اسڪول جي امتحاني مرڪز تي ايڊيشنل سيڪريٽري فزڪس جي پرچي دوران ڇاپو هڻي 5 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو.

سکر تعليمي بورڊ جي انتظامن هيٺ هلندڙ ميٽرڪ جي نائين ڪلاس جو فيزڪس جو آخري پيپر ٿيو، جيڪو وقت کان اڳ ئي آئوٽ ٿي ويو.

سکربورڊ چيئرمين سيد مجتبي شاهه ۽ ڊي سي مرتضي شيخ پاران اسڪولن تي ڇاپا هنيا ويا.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرشاگرد کان سوال ڪيا پر ڪيترائي شاگرد جواب ڏئي نهس گهيا.

ڊي سي پڇا ڪئي ته جيڪڏهن اوهان کي جواب نه ٿا اچن ته پوءِ اوهان لکيا ڪيا آهن.

ڊي سي مرتضيٰ شيخ انويجيلٽر  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بدقسمتي آهي جو نائين ڪلاس جي شاگردن کي سائنس ۽فزڪس جي اسپيلنگ نه ٿي اچي.

ٻن شاگردن ماتحاني مرڪز ۾ ڊي سي ۽بورڊ چيئرمين جي سامهون گائيڊ کولي پيپر حل ڪرڻ لڳا ته کين ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.

هوڏانهن لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي پت وائکي ٿي وئي، ڪنڌ ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ اليڪٽو ميٿ جو پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو.

سيٺارجا هاءِ سيڪنڊري اسڪول جي امتحاني مرڪز تي ايڊيشنل سيڪريٽري فيزڪس جي پرچي دوران ڇاپو هنيو، جنهن دوران 5 شاگردن کي  ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.

ايڊيشنل سيڪريٽري ڪاپي ڪرائڻ سبب ٽن استادن جون آءِ ڊيز بند ڪري سندن پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سجاول جوڻيجو ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري منصور راجپوت عرضي ڀٽو ۽ ميرو خان ۾ بوائز ۽گرلز اسڪولن تي ڇاپا هڻي چئن شاگردن کي ڪاپي ڪيس  ڪيا ۽  ٻن استادن خلاف رپورٽ تيار ڪري ورتي، جڏهن ته ان موقعي تي اسسٽ ڪمشنر سجاد حيدر  قادري به موجود  هو.

جيڪب آباد جي مختلف امتحاني سينٽرن تي اڄ به ميٽرڪ جي ميٿاميٽڪس جي پيپر دوران ڪاپي جي ڌم متل رهي, موبائيل فون ذريعي واٽس ايپ تي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاپي ۾ رڌل رهيا ۽ پنهنجي هيلپرن جي مدد سان کين ڪاپي جا ڪارتوس به ملندا رهيا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*