ڏکڻ پنجاب جي شهر خان پور جي رهواسي پاڪ فوج جي شهيد نوجوان  عنايت الله جي جنازي نماز کانپوءِ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي

ڏکڻ پنجاب جي شهر خان پور جي رهواسي پاڪ فوج جي شهيد نوجوان  عنايت الله جي جنازي نماز کانپوءِ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي.

عنايت الله وزير ستان آپريشن دوران گذريل ڏينهن شهيد ٿي ويو هو، جنهن جو جسد خاڪي اباڻي ڳوٺ آندو ويو.جتي اسڪول ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

شهيد اهلڪار 12 سال اڳ پاڪ فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، ۽ 2 مهينا اڳ هن جي شادي ٿي هئي.

شهيد عنايت الله 9 ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ ڇوٿون نمبر هو.

شهيد جي وارثن عنايت الله جي شهادت تي فخر ڪندي پاڪ فوج زندهه آباد جا نعرا لڳايا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*