سنڌ جي حقن جي حاصلا لاءِ  جدوجهد ڪندڙ شهيد بشير خان قريشي  جي اڄ 7 ورسي ملهائي پئي وڃي

سنڌ جي حقن جي حاصلا لاءِ  جدوجهد ڪندڙ شهيد بشير خان قريشي  جي اڄ 7 ورسي ملهائي پئي وڃي، رتو ديرو ۾ قومپرست اڳواڻ ورسي تقريب کي خطاب ڪندا.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلا لاءِ  جدوجهد ڪندڙ شهيد بشير خان قريشي  جي اڄ 7 ورسي ملهائي پئي وڃي.

مک ورسي تقريب رتوديرو ۾ ٿيندي، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻلاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جسقم ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

شهيد بشير قريشي جي آخري آرام گاهه رتوديرو کي پارٽي جهنڊن سان سجايو ويو، جڏهن ته قومپرست اڳواڻ ورسي تقريب کي خطاب ڪندا.

بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو.

هن شروعاتي تعليم پرائمري کان نائين درجي تائين پنهنجي اباڻي ڳوٺ رتوديرو ۾ حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان شڪارپور ۾ ڏنو.

بشير خان قريشي 1976ع ۾ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي داخلا ورتي، جڏهن ته 1978ع ۾ يونيورسٽي ۾ جساف جو صدر ٿيو.

1981ع ۾ بشير خان قريشي کي ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، 1982ع ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ 15 جنوري  1985 ۾ رتوديرو مان کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 1986ع ۾ کيس آزادي ملي.

بشير خان قريشي 1986ع ۽ 1987ع ۾ جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو ۽ 1988ع ۾ وري گرفتار ٿيو ۽ 18 مهينا قيد ۾ رهيو .

1994ع ۾ به ٻه سال قيد رهيو وري 195ع ۾ سائين جي ايم سيد جي چاليھي تي جسقم ۾ شامل ٿيو ۽ ساڳي سال ۾ حيدرآباد جيل ۾ به هو جنهن بعد کيس جسقم جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو.

بشير خان قريشي 1996ع ۾ جسقم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو 1998ع ۾ مرڪزي چيئرمين چونڊيو ويو ۽ ساڳي سال ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ کيس مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هن سان گڏ عبدالقيوم منگي به سخت زخمي ٿي پيو هو.

2007ع ۾ پاڻ سکر کان ڪراچي تائين پيدل مارچ ڪيو، 24 جولائي 2009ع تي سهراب ڳوٺ باءِ پاس صحافين جي احتجاج ۾ وڃي رهيو هو ته مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ پاڻ معجزاڻي طور محفوظ رهيو ۽ سندس ساٿي مشتاق خاصخيلي شهيد ٿي ويو.

بشير خان قريشي 7 نومنر 2009ع پهريون فريڊم مارچ ڪراچي ۾ ڪيو جنهن ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪيا، جڏهن ته 15 نومبر 2011ع گلشن حديد مان گرفتار ٿيو ۽ 5 ڏينهن بعد هن کي آزاد ڪيو ويو.

شهيد بشير خان قريشي 23 مارچ 2012ع ڪراچي تبت سينٽر تي لکن جي تعداد ۾ مارچ ڪيو، 7 اپريل 2012ع تي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات سڪرنڊ شهر ڀرسان ڳوٺ دڙي مگسي ۾ شهيد ٿيو.

شهيد بشير قريشي جي آخري آرام گاهه رتوديرو باءِ پاس تي آهي، جتي سندس جي اڄ 7 ورسي ملهائي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*