سيٺارجا ۾ ڳوٺاڻن پاران محرابپور – پيروسڻ روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

سيٺارجا ۾ ڳوٺاڻن پاران محرابپور – پيروسڻ روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سماجي ۽ شهرين جو حد جي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو  هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جي اچ وڃ متاثر رهي.

مظاهرين چيو ته پيروسڻ کان محرابپور ويندڙ روڊ انتهائي زبون حال جو شڪار آهي جنهن ڪري شهري توڙي ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن جي ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

اڳواڻن چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن کي شڪايتون ڪيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيڻ مجبورن هن سخت گرمي ۾ روڊ تي ويهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جيڪو اسان جو حق آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*