تنگواڻي ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي شهرين پاران سيپڪو خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري بس اسٽينڊ تي ڌرڻو  هنيو ويو

تنگواڻي ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي شهرين پاران سيپڪو خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري بس اسٽينڊ تي ڌرڻو  هنيو ويو.

شھري اتحاد جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، ريلي شھر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي بس اسٽينڊ وٽ پهتي ته ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي شھري اتحاد اڳواڻ  رب ڏنو ملڪ، ڪفايت الله کوسه، سھراب ملڪ ، پير بخش بھلڪاڻي، امام بخش بھلڪاڻي، فصل کوسه ۽ ٻين شرڪت ڪري چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

مظاهرين چيو ته بجلي جي بندش سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، جنهن سبب نقصان ٿي رهيو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود بجلي جي بندش وارو معاملو  حل نه ٿي سگهيو آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس  وٺي مسئلو حل ڪن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*