گهوٽڪي جي خانگي اسپتال مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل تازي ڄاول ٻارڙي کي جوابدار  درگاهه وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا

گهوٽڪي جي خانگي اسپتال مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل تازي ڄاول ٻارڙي کي جوابدار  درگاهه وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس اغوا ڪيس ۾ ستن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.

گهوٽڪي ۾ 3 ڏينهن اڳ خانگي اسپتال مان زوهيب ڪلهوڙي جي ٻارڙي اغوا ٿي وئي هئي.

ٻارڙي جي اغوا بعد وارثن اسپتال اندر احتجاج به ڪيو هو ۽ اسپتال عملي خلاف ڪيس به داخل ڪرايو هو.

پوليس ڪارروائي ڪندي اسپتال جي ٻن نرسن سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.

اڄ اڻڄاتل جوابدار درگاهه نهرو شاهه وٽ ٻارڙي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن اتي موجود ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس پهچي ٻارڙي کي کڻي ٿاڻي آندو ۽ وارثن کي اطلاع کي ڏنو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*