پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت 16 کان 20 اپريل تائين  پاڪستان جي خلاف اڳرائي جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت 16 کان 20 اپريل تائين  پاڪستان جي خلاف اڳرائي جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي،پاڪستان جي خلاف ٻيهر اڳرائي ڪئي وئي ته پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا. پاڪستان ڀارتي اڳرائي بابت سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن جي نمائندن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي تصديق ٿيل انٽيليجنس معلومات ملي آهي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف اڳرائي جي تياري ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي ۽ ڀارتي فوج جي سربراهن جي وچ ۾ ملاقات ٿي،جنهن ۾ پاڪستان خلاف اڳرائي جو فيصلو ڪيو ويو.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي وزيراعظم ، فوج جي سربراهن کي ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارتي فوج ٽارگيٽس طئي ڪرڻ جو فيصلوبه ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته پاڪستان خطي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان عالمي برادري کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ عالمي برادري جي ڀارت جي حوالي سان خاموشي تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت خطي جي امن کي داءَ تي لڳائڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي خلاف اڳرائي ڪئي وئي ته اهو دفاع جو حق رکي ٿو.

شاهه محمود قريشي واضح ڪيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن، لائين آف ڪنٽرول تي روز انو چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ڪئي وڃي ٿي.

پرڏيهي وزير تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي مخالف ڌر کي قومي سلامتي جي معاملن تي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته هو ملڪ اندر جيڪا به سياست ڪن،انهن کي حق آهي، پر ملڪي سلامتي جي معاملي تي حڪومت جا هٿ مضبوط ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*