غير معياري صحت جا نفسياتي اثر

غير معياري صحت جا نفسياتي اثر

ارم گل

غير معياري صحت جا نفسياتي اثر جيئن ته ڪينسر، شوگر۽ بلڊ پريشر جهڙيون خطرناڪ بيماريون انساني نفسيات کي پوري طرح سان خوفزده ڪري رهيون آهن.جڏهن ته انهن بيمارين جو تيزي سان وڌڻ قدرتي ڏمر نه پر انساني لالچ غفلت ۽ تعليم جي کوٽ آهي.ڇاڪاڻ ته الله سائين جي طرفان انسان کي صحتمند زندگي ۽ وڏي ڄمار عطا ڪئي وئي آهي.پر اڄڪلھ انسان ئي ٻئي انسان کي تـباھ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن . طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن انساني جسم ۾ جزا گهٽ يا وڌ ٿيندا آهن يا جزن ۾اڻ برابري پيدا ٿيندي آهي تڏهن بيماري جنم وٺندي آهي. اسان جي جسم کي هر روز ڪجهه خاص ۽محدود مادن جي گهرج هوندي آهي جيڪا اسان پاڻي کاڌو ۽هوا جي ذريعي حاصل ڪندا آهيون. پر جيئن ته اسان انهن وسيلن جي معيار کان واقف آهيو ته هر شئي پنهنجي افاديت وڃائي ويٺي آهي ۽ هوا ۾آلودگي، گٽرن مان ايندڙ پاڻي ملاوٽ وارا کاڌا پلاسٽڪ جا ٿانون وغيره جي عام ٿيڻ جي سبب بيمارين پنهنجي پاڻ پختي ڪئي آهي. اهڙي ريت صحتمند رھڻ ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته انساني جسم جو سب کان اهم جاکوڙيندڙ حصو قوت مدافعت هوندو آهي جيڪو خراب مادن سان جنگ ڪري اسان کي اندروني طرح صاف سٿرو رکندو آهي پر جڏهن اهي خراب مادا هاضمي نظام جي مٿان حاوي ٿي ويندا آهن تڏهن بيماري اسان تي حملو ڪرڻ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي. هڪ عام سوچ مطابق جيڪو شخص روز صبح جو سوير اٿي،روزمره جا ڪم ڪار سرانجام ڏئي رات جو ٿڪي اچي گهروارن تي پنهنجي اسٽريس ظاهر ڪندي پاڻ کي صحتمند ڄاڻائي ٿو ته اها بلڪل غلط سوچ آهي ڇاڪاڻ ته صحتمند زندگي مان مراد صبح جو خوش ٿي اٿڻ، ذهني جسماني ۽روحاني طور تي پوري طرح چست رهڻ، ويندي رات تائين اوهان ٿڪ محسوس نه ڪيو، ته پوءِ اوهان صحتمند آهيو. باقي ڪنهن وڏي بيماري جو ظاهر نه ٿيڻ قطئي طور تي صحتمند هجڻ جو ثبوت ناهي ڇاڪاڻ ته خراب ماده اسان جي جسم ۾ موجود هوندا آهن ۽ اهي بد پرهيزي جي سبب اوچتا ظاهر ٿيندا آهن. انهن جو مثال هارٽ سرجري، ڪينسر، شوگر بلڊ پريشر جهڙيون بيماريون آهن.جيڪڏهن اسان پنهنجي روزمره جي خوراڪ تي ويچار ڪيو ته هوٽلن جا کاڌا، بوتلون، برگر وغيره هڪ خاص جڳھ تي بيٺل نظر ايندا ڇاڪاڻ ته مقابلي جي هن دور ۾هر ڪو اڳيان وڌڻ ٿو چاهي. سستي ۽ڪاهلي جي سبب آنلائن، هوم ڊليوري جو لطف وٺندي اسان پاڻ کي جواني ۾ ئي 80 سالن جو ضعيف تصور ڪندا آهيون. موبائيل فون انٽرنيٽ جو اسان جي صحت تي ڪهڙو اثر پوندو آهي اهو هڪ الڳ موضوع آهي جنهن تي لکڻ جي ضرورت ناهي هر هڪ ان بابت آگاهه آهي. اسان وٽ هڪ اهو به رواج آهي ته سنگت جو ساٿ ڏيندي ماڻھون تہ پان، گٽڪو، سگريٽ ، نسوار، شراب ۽ ھزارين بيڪار شيون خوشي خوشي سان استعمال ڪندا آهن پر جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ڪنهن سٺي شئي ڏانهن ڌيان ڇڪائبو ته بچت ۽فضول خرچ جو درس ڏيندا. جڏهن ته بيمار ٿيڻ جي نتيجي ۾ علاج تي منڍ ۾ ھزارين ۽ بعد ۾ لکين روپيا خرچ ڪندا آهن. جيتوڻيڪ اھي ساڳيا ماڻهو فروٽ، سبزي، سلاد، دال، صاف پاڻي، صاف ھوا، واڪ ورزش روزانو ڪونہ ڪندا آهن. ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي فيملي جي صحت جي باري ۾ فڪرمند هجڻ بدران لاپرواهي جو مظاهروڪندا آهن گهڻي ڀاڱي ماڻهوصرف بک جو ۽ بيماري جي صورت ۾ دوا دارو جو بندوبست ئي ڪندا آهن صحتمند ڪيئن رھجي، بيمارين کان ڪيئن بچجي مڪمل جسماني صفائي ٻاھران ۽ اندران ڪيئن رکجي ان جو ڪوبه مناسب بندوبست ناھن ڪندا. ڇو ته نڪي اضافي ٽائيم آهي نڪي اويئرنيس آهي نڪو اھا خبر آهي ته اسانجي قوت مدافعت دنيا جي ھر بيماري ۽ جراثيم کي ختم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو اگر اھو مظبوط هجي. ڪينسر، ھيپاٽائيٽس ايڊز الرجي شوگر وغيرهه جراثيم ھوندا آھن. جيڪي جسم ۾ ديمڪ جيان اسان کي ڪمزور ڪري رهيا هوندا آهن. برعڪس ان جي اسان جو مظبوط قوت مدافعت روزانو ڪروڙين نوان سيل ٺاهڻ ۽ خارج ڪرڻ ۾ مددگار ھوندو آھي ليڪن ڪمزور ۽ غلط خوراڪ جي ڪري اسان جو قوت مدافعت ڪمزور ٿيندو آهي ۽ انڪري اسان بيمار ٿي ويندا آهيون ۽ جراثيمن لاءِ آسان ٽارگيٽ بڻجي ويندا آهيون جو ھڪ معمولي مڇر جو چڪ بہ اسان کي بيمار ڪري ڇڏي ٿو. ماهرين صحت جي هڪ رپورٽ موجب جيڪڏهن اوهان کي اڪثر ڪري زڪام بخار کنگ مٿي ۾سور گلي ڪن يا نڪ جي تڪليف آهي يا ھڏن ۾سور ڏندن مان رت وھڻ چمڙي جو بيماريون وغيره وغيره جهڙيون عام بيماريون ٿينديون رهنديون آهن ته پوءِ توهان صحتمند ناهيو ڇاڪاڻ ته اهي معمولي بيماريون اسان جي جسم کي آهستي آهستي نقصان رسائينديون آهن اسان سجاڳ تڏهن ٿيندا آهيون جڏهن ڪا وڏي بيماري سامهون ايندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته گورين دوائن جو مسلسل استعمال اسان جي عضون کي ڪمزور ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته ميڊيڪل سائنس وٽ ڪنهن به بيماري جو مستقل حل ناهي وقتي طور تي ته اسان ٺيڪ ٿي ويندا آهيون پر آخرڪار نتيجو خراب نڪرڻو آهي. جڏهن ته برعڪس جڙي ٻوٽين جو استعمال، ان سان گڏ احتياط، سٺي۽ شفاف غذا ۽ چهل قدمي جي ذريعي انهن عام بيمارين تي قابو ڪري سگهجي ٿو. اوهان جي معلومات ۾اضافو ڪندي هلان جڙي ٻوٽيون قدرت جي عظيم نعمتن مان هڪ آهن.۽گينوڊرما نالي جڙي ٻوٽي دنيا مان شهرت حاصل ڪندي جڙي ٻوٽين جو بادشاهه طور سڃاتي وڃي ٿي جنهن کي پوري دنيا خصوصًا جنوب مشرق ايشيا ۾تمام گهڻي اهميت حاصل آهي دنيا جا 157 ملڪ گينوڊرما استعمال ڪري هڪ صحتمند زندگي جو لطف وٺي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته گينوڊرما انساني جسم مان خراب مادن کي تلاش ڪري خارج ڪري ٿي ان بعد ڪمزور سيل کي مظبوط ڪري نوان سيل پڻ ٺاهي ٿي 1993ع ۾ ڊاڪٽر لم سيوجن جڙي ٻوٽين تي طويل تحقيق ڪندي ٻڌايو ته قدرتي مشروم انساني جسم لاءِ مفيد آهن ملائيشيا ۾ پيدا ٿيندڙ هيءَ خاص جڙي ٻوٽي انساني جسم لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ڇاڪاڻ ته ميڊيڪل سائنس انسان جي خراب عضوي کي يا ڪڍي ڦٽو ڪري ٿي يا وري ان جو نيم البدل فراهم ڪري ٿي پر هن ڪرشماتي جهڙي ٻوٽي جي ذريعي جسم جي هر حصي کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*