سنڌ جي ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائڻ لاءِ ايف بي آر جي ڊائريڪٽر وٽ به ويندس، مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه ايف بي آر پاران سنڌ جي اڪائونٽ مان ڪٽوتي ڪيل ساڍا 7 ارب رپيا واپس ڪرائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ ۽ ٽربيونل ۾ وڃڻ جو فيصلو،مراد علي شاهه مطالبو ڪيو آهي ته  ايف بي آر غيرقانوني ۽ غير آئيني طور سنڌ جي اڪائونٽ مان سڌو سنئون ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪري.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايف بي آر پاران سال 2012 ۽ 2016 ۾ سنڌ جي اڪائونٽ مان سڌي ريت ڪٽوتي بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ايڪسائيز کاتي جي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ناڻي وارو سيڪريٽري، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي ايف بي آر پاران سنڌ جي اڪائونٽ ون مان ساڍا 7 ارب رپيا ڪٽوتي بابت بريفنگ ڏني وئي.

ايڪسائيز کاتي جي آفيسرن بريفنگ ۾ چيو ته وفاق ڪٽوتي ڪيل رقم واپس نه پئي ڪري، معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ باوجود رقم واپس نه ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير چيو ته ايف بي آر جي ڪٽوتي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي ايترو عرصو گذرڻ باوجود وفاق رقم واپس نه پيو ڪري، رقم واپس ڪرائڻ لاءِ هو پاڻ وزيراعظم عمران کي خط لکندو.

وڏي وزير قانون واري وزارت کي رقم واپس ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته معاملو ٽربيونل ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽر آڏو پڻ اٿاريو ويو آهي پر اڃا تائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو سنڌ جي ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائڻ لاءِ هو پاڻ ٽربيونل ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽر وٽ به ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*