ايف آءِ اي شريف خاندان جي مبينا فرنٽ مين محمد مشتاق چيني کي گرفتار ڪري ورتو

ايف آءِ اي شريف خاندان جي مبينا فرنٽ مين محمد مشتاق چيني کي گرفتار ڪري ورتو، محمد مشتاق چيني پي آءِ اي جي اڏام 203 ذريعي دبئي وڃي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي شريف فيملي جي فرنٽ مين محمد مشتاق چيني کي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب، محمد مشتاق چيني پي آءِ اي جي اڏام 203 ذريعي دبئي وڃي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو، سندس نالو نيب جي درخواست تي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو.

ذريعن موجب، مشتاق چيني ماڊل ٽائون تي ڇاپي دوران مبينا طور تي روپوش ٿي ويو هو، جنهن بعد سلمان شهباز جي اڪائونٽ ۾  60 ڪروڙ ٽرانزيڪشن ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*