دادو ۾ هائوسنگ سوسائٽي واري علائقي مان اغوا ٿيل شاگردياڻي سان ڏاڍائي جي تصديق ٿي وئي

دادو ۾ هائوسنگ سوسائٽي واري علائقي مان اغوا ٿيل شاگردياڻي سان ڏاڍائي جي تصديق ٿي وئي، ڊاڪٽر شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 سول اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر 2 ڏينهن اڳ سوسائٽي مان اغوا بعد هٿ ڪيل 5 ڪلاس جي شاگردياڻي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

ٻئي پاسي اغوا بعد ڏاڍائي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شھزاد ٻٻرکي بي سيڪشن پوليس رمانڊ لاءِ سول جج ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت 5 ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدار شھزاد ٻٻرکي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*