تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان  چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، دوائن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو واڌ ظلم آهي، نا اهل حڪمرانن ملڪي معيشت کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سنڌ جو مينڊيٽ رکندڙ پيپلز پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪري .

سنڌ حڪومت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عالمي بينڪ جي پاڪستاني معيشت بابت اڳڪٿي خطري جي گهنٽي آهي، نااهل حڪمرانن جي پاليسين ملڪي معيشت کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي.

 مرتضيٰ وهاب چيو ته دوائن جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو واڌ ظلم آهي، پي ٽي آءِ حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي.

مرتضيٰ وهاب قانون واري وفاقي وزير تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته فروغ نسيم ماضيءَ جي آمرن جو  ساٿي رهيو آهي، جنهن هميشه غير جمهوري قدمن جي حمايت ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جو مينڊيٽ رکندڙ پيپلز پارٽي کي ڀِت سان لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪري ته بهتر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*