سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو  ڪري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو

سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو  ڪري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو،  مرا دعلي شاهه پاران طارق روڊ، خالد بن وليد ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي گاڏيون بيهاريندڙ شورومز خلاف ڪريڪ دائون جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته قانون جي پاسداري نه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ڪري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.

وڏي وزير خالد بن وليد روڊ، طارق روڊ ۽ ٻين علائقن جي دوري دوران انڊرپاس جي تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

مراد علي شاهه طارق روڊ سميت شهر جي ٻين روڊن تي گاڏيون بيهاريندڙ شورومز وارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فوري طور روڊن تان گاڏيون هٽائڻ جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير جي دوري دوران سندس گاڏي ڪجهه دير لاءِ ٽريفڪ ۾ڦاسي پئي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*