ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بحراني حالت مان نڪري آئي آهي

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بحراني حالت مان نڪري آئي آهي، استحڪام لاءِ اڃا ڏيڍ سال لڳندو ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ آفريقي ملڪ به پاڪستان کان اڳتي نڪري ويا آهن، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرض لاهڻ لاءِ نوان قرض کڻي رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر  چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت سنڀالي ته عالمي قرض وڌي رهيا هئا، ترقي ۾ آفريڪي ملڪ به پاڪستان کان اڳتي نڪري چڪا آهن.

هن چيو ته اسان پراڻن قرض تي وياج ادا ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ايتري بچت نه ٿو ڪري سگهي جو سيڙپڪاري ڪري سگهي.

اسد عمر چيو ته ٽيڪس جو نظام سولو ڪيو وڃي، ايترا سوال تي نياڻي جي رشتي لاءِ نه ٿيندا آهن جيترا ٽيڪس جي ادائيگي وقت پڇا ويندا آهن.

هن چيو ته هو معذرت سان چوي ٿو ته ٽيڪس ڪير به ڏيڻ نه چاهيندو آهي،  ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وري شڪايت نه ڪئي وڃي.

اسد عمر چيو ته 2016 کان 2018ع تائين ڊالر طاقتور ۽ هاڻي ڪمزور نظر اچي رهيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 800 کان وڌيڪ قرض وياج جي ادائيگي لاءِ ورتا ويا، دنيا هڪ ٿي وئي آهي، ڀتيون بيهاري دنيا کان الڳ نه ٿو رهي سگهجي.

اسد عمر چيو ته پاڪستان جي حڪومت ايترو پئسو جمع نه ٿي ڪري سگهي جيڪي  سرڪاري ڪم لاءِ گهربل هوندا آهن.

هن چيو ته پاڪستان ۾ پئسو بچائڻ جو ڪو ڪلچر ئي ناهي، 1960ع ۾ پاڪستان دنيا ۾ ترقي جو ماڊل هو.

هن چيو ته سپلمينٽري گرانٽ ختم ڪيون پيون وڃن، پارليامينٽ جي منظوري لازمي هوندي.

اسد عمر چيو ته ايڪسچينج ريٽ کي بهتر ڪيو ويندو. هٿرادو طور رپئي کي طاقت ڏئي 30 سالن تائين معيشت جو وڏو نقصان ڪيو ويو،  رپئي کي سياسي نعرن نه پر معيشت موجب هئڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*