وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايف بي آر پاران سنڌ جي اڪائونٽ مان ساڍا 7 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪرڻ واري معاملي تي اجلاس

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايف بي آر پاران سنڌ جي اڪائونٽ مان ساڍا 7 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪرڻ واري معاملي تي اجلاس، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته وفاق معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ باوجود رقم واپس نه پيو ڪري، وڏي وزير پاران رقم جي واپسي لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ ۽ ٽربيونل ۾وڃڻ جو فيصلو، مراد علي شاهه چيو ته ايف بي آر غيرقانوني ۽ غير آئيني طور سنڌ جي اڪائونٽ مان ڪٽوتي ڪيل رقم فوري طور واپس ڪري، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪائينداسين….

…..اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر پهريون ڀيرو احتساب عدالت آڏو پيش ٿيا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻن عورت جوابدارن سلطاني شاهد ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، جوابدار نورين ۽ ڪرن درخواست ۾ چيو ته اسان جو نالو جوابدارن ۾ شامل آهي پر شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، عدالت ٻنهي عورتن کي لکت ۾ درخواستون ڏيڻ جي هدايت ڪئي……

…..آصف زرداري جو احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پنهنجي پهرين پيشيءَ تي شعر سان دلچسپ تبصرو، اڳوڻي صدر چيو ته هي اها ئي جڳهه آهي جتان اسان اڳ گذريا هئاسين ۽ هاڻي ان جڳهه تي وينداسين جتي اڳ به ويا هئاسين، توهان جنهن ڪرسي تي ويٺا آهيو ان تي نواز شريف ويهندو هو ۽ فريال ٽالپر واري ڪرسي تي مريم نواز ويهندي هئي؟ صحافين جي سوال تي آصف زرداري چيو ته ميان صاحب وڏو ماڻهو آهي، اسان ننڍا ماڻهو آهيون…

 …آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سان گڏ آيل وڪيلن ۽ پ پ اڳواڻن جي گاڏين کي عدالت کان گهڻو پري روڪي ڇڏيو، لطيف کوسا ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته آئينده گاڏيون پري روڪيون ويون ته پوءِ ٽرائل به پاڻ هلائين، چوڌري منظور ۽ قمر زمان ڪائرا چيو ته حڪومت آصف زرداري کان ايڏي ڊنل آهي جو سندس پيشي تي 5 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا،عمران خان جي دعوت تي اسلام آباد آياسين ته پوءِ ڇا ٿيندو، پيشي جي موقعي تي پ پ جي ٻن عورت ڪارڪنن پاران عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻنهي کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو…….

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته، پاڪستان جي معيشت بحراني حالت مان نڪري آئي آهي، استحڪام لاءِ اڃا ڏيڍ سال لڳندو: ناڻي واري وزير اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، ملڪي معيشت استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي، ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ بنگلاديش سميت آفريقي ملڪ به پاڪستان کان اڳتي نڪري ويا آهن، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرض لاهڻ لاءِ نوان قرض کڻي رهيا آهيون،

لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي حفاظتي ضمانت ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي، ضمانت لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت، نيب کي ايندڙ حڪم تائين حمزه شهباز کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم، نيب لاهور حمزه شهباز کي 10 اپريل تي طلب ڪري ورتو…………

مولانا فضل الرحمان جو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان فون تي رابطو، سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، ٻنهي اڳواڻن جو سڀاڻي جاتي امراءَ ۾ وفدن جي صورت ۾ ملاقات تي اتفاق، ذريعن موجب فضل الرحمان نوازشريف سان ملاقات کانپوءِ آصف زرداري سان به ملاقات ڪندو……

ايف آءِ اي شريف خاندان جي مبينا فرنٽ مين محمد مشتاق چيني کي گرفتار ڪري ورتو، محمد مشتاق چيني پي آءِ اي جي اڏام 203 ذريعي دبئي وڃي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو، سندس نالو نيب جي درخواست تي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو…………..

نيب ڪوٽڙي ڦاٽڪ تي جوڙايل شھيد ذوالفقار علي ڀٽو فلاءِ اور واري ڪم ۾ مبينا ڪرپشن واري شڪايتن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، نيب جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ڪوٽڙي فلاءِ اور پھچي ڪم جومعائنو ڪيو ۽ روڊ جا سيمپل به ورتا، بلاول ڀٽو زرداري 12 جنوري تي فلاءِ اوور جو افتتاح ڪيو هو، افتتاح جي ٽن مهينن بعد پل ۾ کڏا پئجي ويا هئا…….

وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات، خطي جي امن ۽ استحڪام سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون، جنرل ڪينٿ ميڪنزي نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دورو به ڪيو، سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سان ملاقات، ميري ٽائيم سيڪيورٽي معاملن  تي خيالن جي ڏي وٺ، جنرل ڪينٿ ميڪنزي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سان به جنرل ڪينٿ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون…..

نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ هڪ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، اڳوڻو سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ آفتاب ميمڻ، اومني گروپ جو عبدالغني مجيد ۽ ٻيا جوابدار نامزد، جوابدارن تي گلستان جوهر ۾ 2 پلاٽ غير قانوني طور الاٽ ڪرائڻ ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي ادائگيون ڪرڻ جا الزام آهن………….

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جوابدار نمر مجيد جي هڪ هفتي لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ٺٽي ۽ دادو شگر ملز ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت ۾ 10 اپريل تائين واڌ  ڪري ڇڏي…….

سنڌ سرڪار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گريڊ هڪ کان 5 تائين ضلعي سطحي تي نوڪريون ڏنيون وينديون، گريڊ 5 کان 19 تائين اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وينديون……

وزيراعظم آفيس جي ڇهين ماڙ تي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، ڪـُولنگ جو عمل جاري، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، وزيراعظم جي خصوصي معاون يوسف بيگ چيو آهي ته باهه ٽئين ماڙ جي باٿ روم ۾ لڳي جتان دونهون ڇهين ماڙ تائين پهتو، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو، باهه جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي………..

سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي شڪارپور جي ضلعي صدر بابل ڀيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، احتساب عدالت کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم، جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ۾ چيو ته بابل ڀيو تي الزام آهي ته هو  اڪائونٽ ۾ موجود 40 لک رپين جي وضاحت نه ڏئي سگهيو آهي…..

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جون جولاءِ جي فيس اوڳاڙيندڙ پرائيويٽ اسڪولز تي ڪاوڙ جو اظهار، عدالت اسڪولز کي هڪ مهيني جي فيس اوڳاڙڻ ۽ نئون چالان جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ چيو آهي ته بار بار سمجهائڻ باوجود اسڪول انتظاميا سمجهڻ جي ڪوشش نه پئي ڪري، سختي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، اسڪول انتظاميا ته ٽيڪس وارن کان به اڳتي آهن، سيشن ختم ڪرڻ بعد ٽن مهينن جي فيس اڳاڙڻ غير قانوني آهي..

ڀارت جي جنگي جنون جو پاڪستان پاران خير سگالي واري جذبي سان جواب، اڄ هڪ سئو ڀارتي مهاڻن کي واهگا بارڊر وٽان ڀارت حوالي ڪيو ويندو، ڀارتي مهاڻن کي پاڪستان جي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي حراست ۾ وٺڻ بعد ڪراچي مان لاهور منتقل ڪيو ويو هو…….

 

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران بدترين بدانتظامين ۽ ڪاپيءَ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ميٽرڪ جي امتحان دوران بائيولاجي جو پيپر آئوٽ ٿي ويو، قمبر ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پاران امتحاني سينٽر جو دورو، 12 شاگردن کان موبائل فون هٿ ڪري ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، خانپور ۾ ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ 2 شاگرد گرفتار…….

سکر ڊويزن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان 18 اپريل کان شروع ٿيندا، تعليمي بورڊ سکر پاران امتحاني سينٽرز لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جاري، امتحان دوران موبائل فون ڪمپنيز کي موبائل فونز ۽ واءِ فاءِ  جا سگنلز جام ڪرڻ جي هدايت …………..

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان پاران ليويز ۽ خاصه دار فورس جي 28 هزار اهلڪارن کي صوبائي پوليس ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته ٻنهي فورسز جي اهلڪارن جا خدشا ختم ڪندي کين پوليس ۾ ضم ڪيو ويو آهي، 28 هزار اهلڪارن کي پوليس جيان رينڪ، پروموشن، تربيت ۽ ٻيون سموريون مراعتون فراهم ڪيون وينديون……………..

دادو جي سوسائٽي واري علائقي مان مبينا طور اغوا بعد روڊ تي اڇلايل نينگري سان ڏاڍائي جي تصديق ٿي وئي، سول اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، 2 ڏينهن اڳ نينگري کي مبينا طور اغوا بعد لڄالٽ جو  نشانو بڻايو ويو هو، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري چڪي آهي……………..

ڪراچي جي ابراهيم حيدري علائقي جي فش فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 3 پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت، هڪ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي، فوت ٿيل ٽنه پورهيتن جو تعلق چترال سان آهي، لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا…………

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 2  ۽  ڇاڇرو تعلقي اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻار فوت، هلندڙ سال فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 239  ٿي ويو…………

…..۽ پٽيالا گهراڻي جي ناليواري ڪلاسيڪل راڳي اسد امانت علي خان جي وڇوڙي کي 12 سال وهامي ويا، سندس ڳايل گيت اڄ به مقبول بڻيل آهن…..

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*