اڳوڻي صدر آصف علي زراري چيو آهي ته ميان صاحب وڏو ماڻهو آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زراري چيو آهي ته ميان صاحب وڏو ماڻهو آهي، اسان ننڍا ماڻهو آهيون، مشرف کي پيش ڪرڻ واري معاملي تي اسٽيبلشمنٽ کان پڇڻ گهرجي

اڳوڻي آصف علي زرداري جي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران سيڪيورٽي جا انتظاميا سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته وڪيلن کي به عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو.

سهيل انور سيال، فاروق ايڇ نائيڪ، قمر زمان ڪائره، چوڌري منظور ۽ ٻيا احتساب عدالت پهتا هئا.

هڪ صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته اڄ اوهان ان ڪرسي تي ويٺا آهيو، جتي اڳ نوازشريف ويٺو هو، جنهن جو جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته ميان صاحب ته وڏو ماڻهو آهي، اسان ننڍا ماڻهو آهيون، اهو ڪم عدليا جو آهي.

ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته فريال ٽالپر جهڙي ريت ويٺي آهي، مريم نواز به ايئن ويهندي هئي؟ جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته پوءِ ته اوهان خوش هوندا.

صحافي سوال ڪيو ته اوهان ڇا پيا محسوس ڪيو، هڪ عرصي کان پوءِ احتساب عدالت آيا آهيو؟ آصف علي زرداري شعر پڙهندي چيو ته يه تو وهي  جگا هي، گذَري ٿَي هم جهان سي،

صحافي سوال ڪيو ته ۽ ٻيو ڀلا اوهان ڪيڏانهن ويندا؟ جنهن تي آصف علي زرداري چيوته هتان اوڏانهن وينداسين، جتي اڳ ويا هئاسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*