سکر ڊويزن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان 18 اپريل کان شروع ٿيندا

سکر ڊويزن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان 18 اپريل کان شروع ٿيندا، تعليمي بورڊ سکر پاران امتحاني سينٽرز لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جاري ڪيو ويو، امتحان دوران موبائل فون ڪمپنيز کي موبائل فونز ۽ واءِ فاءِ  جا سگنلز جام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

تعليمي بورڊ سکر جي انتظام هيٺ  انٽر جا امتحان 18 اپريل کان شروع ٿيندا.

انٽر ميڊيٽ جي امتحانن لاءِ ڪمشنر سکر ڊويزن رينجرز ۽ فوج کان مدد گهري ورتي آهي، ان لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي مدد لاءِ خط لکيو ويو آهي.

امتحان دوران موبائل فون ڪمپنيز کي موبائل فونز ۽ واءِ فاءِ  جا سگنلز جام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

تعليمي بورڊ سکر جي انتظامن هيٺ سکر خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

ان حوالي سان ڪمشنر سکر محمد رفيق ٻرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاپي جي لعنت کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*