سپريم ڪورٽ ڪينال ويو هائوسنگ سوسائٽي لاهور جي انتظاميا کي هٽائڻ واري ڪيس ۾ رجسٽرار ڪو آپريٽو کان سوسائٽي جي آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ ڪينال ويو هائوسنگ سوسائٽي لاهور جي انتظاميا کي هٽائڻ واري ڪيس ۾ رجسٽرار ڪو آپريٽو کان سوسائٽي جي آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته رجسٽرار آفيس جا ماڻهو آڊٽ لاءِ ويا ته انهن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ انهن کي ڌڪا ڏنا ويا، جنهن تي انتظاميا کي هٽايو ويو.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ڪينال ويو هائوسنگ سوسائٽي لاهور جي انتظاميا کي هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت آڊٽ لاءِ انتظاميا کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد پڇا ڪئي ته ڇا آڊٽ ٿي چڪي آهي.

وڪيل ٻڌايو ته آڊٽ ٿي چڪي آهي پر رپورٽ موجود نه آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن آڊٽ ڪليئر آهي ته ڳالهه ختم ٿي ويندي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته رجسٽرار آفيس جا ماڻهو آڊٽ لاءِ ويا ته انهن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ انهن کي ڌڪا ڏنا ويا، جنهن تي انتظاميا کي هٽايو ويو.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته رپورٽ اچي وڃي ته مناسب حڪم ڏينداسين.

عدالت آڊٽ رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*