سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي شڪارپور جي ضلعي صدر الهه ڏنو ڀيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي احتساب عدالت کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي شڪارپور جي ضلعي صدر الهه ڏنو ڀيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي احتساب عدالت کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته الهه ڏنو ڀيو تي الزام آهي ته هو  اڪائونٽ ۾ موجود 40 لک رپين جي وضاحت نه ڏئي سگهيو آهي.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي شڪارپور جي ضلعي صدر الهه ڏنو ڀيو جي ضمانت واري درخواست تي سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته الهه ڏنو ڀيو وٽ سڌي ريت ڪو به سرڪاري عهدو نه آهي، هو رڳو حڪومتي جماعت جو ضلعي صدر هو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته الهه ڏنو ڀيو تي الزام آهي ته هن اڪائونٽ ۾ موجود 40 لک رپين جي وضاحت نه ڏئي سگهيو آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نيب جو چوڻ آهي ته 40 لک مختلف ٺيڪن ذريعي ڪميشن ورتي وئي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته معمولي رقم آهي، نيب ۾ وڏي وڏي جاچ هلي رهي آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته 40 لک ڏيڻا آهن ته پلي بارگين ۾ وڃي ڏين، جيڪڏهن درخواست واپس وٺي ڇڏيو ته ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون ٿا.

وڪيل چيو ته جنهن آفيسر هي ريفرنس ٺاهيو، ان خلاف به ڪارروائي  هلي رهي آهي، اسان درخواست واپس وٺي رهيا آهيون، عدالت ٽرائل جي هدايت ڏئي.

سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*