ميھڙ ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ  سبب ڳوٺاڻو مارجي ويو

ميھڙ ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ  سبب ڳوٺاڻو مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ مقرر ٿيڻ باوجود ڇڪتاڻ برقرار آهي.

ڳوٺ کوندي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني.

گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ سائينداد گوگاڻي واسي ڳوٺاڻو ٻڍل خان کوسو  مارجي ويو، جڏهن ته عبدالحميد ۽ غلام الدين کوسو زخمي ٿي پيا.

 مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش ۽ زخمين کي ڳوٺاڻن کڻائي تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا.

اطلاع باوجود پوليس هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ڳوٺ ۾ پهتي، پر ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿي سگهي، جنهن بعد وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي، مارجي ويل ڳوٺاڻي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*