خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ليويز ۽ خاصه دار اهلڪارن کي صوبائي پوليس ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ليويز ۽ خاصه دار اهلڪارن کي صوبائي پوليس ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته قبائلي ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ 28 هزار ليويز ۽ خاصه دار اهلڪارن کي پوليس ۾ ضم ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته ضم ٿيندڙ فورسز ۽ اهلڪارن جا سمورا خدشا ختم ڪيا ويا آهن،  28 هزار اهلڪارن کي نئين سر تربيت ڏني ويندي ۽ پوليس جي طرز تي کين سموريون سهولتون، رينڪس ۽ پروموشن به ڏنا ويندا.

محمود خان چيو ته اهو ڪريڊٽ وزيراعظم ڏانهن وڃي ٿو جنهن اهلڪارن جو مستقبل محفوظ بڻايو آهي.

وڏي وزير محمود خان چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ليويز ۽ خاصه دار اهلڪارن کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ لاءِ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪنديون.

سندس چوڻ هو ته قبائلي ضلعن ۾ امن جي قيام لاءِ انهن فورسز اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، کين سندن قربانين جو صلو ضرور ڏنو ويندو.

وڏي وزير چيو ته قبائلي علائقن جي ٻنهي فورسز کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ وارو عمل 6 مهينن اندر هلندڙ سال آڪٽوبر تائين مڪمل ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*