لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي حفاظتي ضمانت ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪندي ضمانت لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي حفاظتي ضمانت ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪندي ضمانت لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته ايندڙ حڪم تائين نيب حمزه شهباز کي گرفتار نه ڪري.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حمزا شهباز جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، حمزه شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالتي ڪمرو ماڻهن سان ڀرجي ويو، جنهن تي جج ٻڌڻي ٿوري دير لاءِ روڪي ڇڏي.

جج پڇا ڪئي ته ڪارڪنن کي ڪنهن گهرايو آهي، جنهن تي حمزا شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کي نه گهرايو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج چيو ته عدالتي ڪمري ۾ گوڙ نه ڪيو وڃي، خاموشي اختيار ڪئي وڃي اهو اسان جو ڪم ناهي ته ماڻهن کي سنڀاليون.

جسٽس شهزاد چيو ته اڳتي بند ڪمري ۾ ٻڌڻي ڪنداسين.

ڪارڪنن کي ٻاهر ڪڍڻ کانپوءِ عدالت ٻيهر ٻڌڻي ڪندي نيب کي حمزا شهباز جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

عدالت حمزا شهباز شريف کي هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين ٻيو حڪم نه ٿو اچي، تيستائين نيب حمزه شهباز کي گرفتار نه ڪري.

حمزا شهباز جي پيشي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*