ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستان کي سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو، وسيم اڪرم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري آلرائونڊر وسيم اڪرم چيو آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستان کي سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته محمد عامر بهترين بالر آهي،جنهن کان سواءِ کيس ٻيوڪوبه سٺو بالرنظر نٿو اچي.

هن وڌيڪ چيو ته محمد حسنين کي کيڏائڻ آهي ته ڀلي کيڏايو وڃي کيس روڪڻ سان ڪوبه فائدو نه پوندو.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جو فارميٽ به 1992واري ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جهڙو آهي.

هن چيو ته پاڪستان کي ايونٽ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو۽ اڄڪلهه رانديگرن لاءِ برياني گهڻي ٿي اچي ۽ برياني کائي چيمپيئنز جومقابلو ڪرڻ مشڪل آهي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته عمران خان ڪافي عرصي کان ڊومسٽڪ سسٽم ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،نيئن سسٽم کي به آزمائڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*