سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته لڳي نه ٿو ته سنڌ سرڪار حيدرآباد ۾ يونيورسٽي لاءِ زمين ڏيندي

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته لڳي نه ٿو ته سنڌ سرڪار حيدرآباد ۾ يونيورسٽي لاءِ زمين ڏيندي، سول ايويئيشن جي زمين تي يونيورسٽي ٺاهينداسين، حيدرآباد وڏو شهر آهي، جتي هڪ نه پر وڌيڪ يونيورسٽيز جي ضرورت آهي، سنڌ سرڪار ان ڏس ۾ سهڪار ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان سان رابطو ڪري.

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته وزيراعظم اڳ به چيو هو ته مائنس متحده باني ايم ڪيو ايم قبول آهي، هاڻ متحده سٺي اتحادي جماعت آهي، چونڊون گڏجي وڙهڻ بابت فيصلو وقت اچڻ تي ڪيو ويندو،زهره شاهد جا جوابدار گرفتار آهن، کين ڦاهي ملڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*