لکي غلام شاهه لڳ ڪچي واري علائقي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل اهلڪار جي ڪيس ۾جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس آپريشن ڪري 8 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

لکي غلام شاهه لڳ ڪچي واري علائقي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل اهلڪار جي ڪيس ۾جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس آپريشن ڪري 8 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو .

ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن سان مقابلي دوران هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو.

ڊي ايس پي عبدالمجيد پٺاڻ جي اڳواڻيءَ ۾ 30 کان وڌيڪ گاڏين ۾ سوار اهلڪارن ڪچي ۾ آپريشن ڪيو.

ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران مک جوابدار نه ملڻ تي پوليس واحد بخش قادراڻي جي گهر کي مبينا طور باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو

پوليس موجب شهيد ۽ زخمي ٿيل اهلڪار جي ڪيس ۾ 8 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس چيو ته مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد نتيجا سامهون اچي ويندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*