بهرام ڀرسان حاڪم شاهه ريگوليٽر جي پل ۾ 4 فوٽن تائين کڏو پئجي ويو، جنهن سبب ڪنهن به وقت حادثي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي

بهرام ڀرسان حاڪم شاهه ريگوليٽر جي پل ۾ 4 فوٽن تائين کڏو پئجي ويو، جنهن سبب ڪنهن به وقت حادثي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

حاڪم شاهه ريگوليٽر جي پل ۾گذريل ٽن سالن کان چاپڙ ڪرڻ سبب کڏو پئجي ويو آهي.

 قمبر- شهدادڪوٽ روڊس کاتي جي عملدارن جي بي ڌياني سبب پل ۾ 3 ڦت پيل کڏو آهستي آهستي وڌنڌو 4 فوٽ ٿي ويو آهي.

 پل مٿان هيوي ٽرئفڪ  وڏي تعداد ۾گذرڻ سبب ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو.

 شهرين اختيار علي مگسي،  نادر حسين مگسي، واپاري نظر محمد مگسي، بچل خشڪ ۽ ٻين چيو ته ڪيترا دفعا چونڊيل نمائيندن ۽ روڊ کاتي  جي عملدارن وٽ دانهيو آهي پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*