سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف ۽ جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات بابت تبصرو ڪندي  چيو آهي

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف ۽ جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات بابت تبصرو ڪندي  چيو آهي ته نوازشريف ته ايترو بيمار هو جو سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ضمانت نه ملي ته جان کي خطرو آهي.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته نوازشريف پاران عدالت اڳيان هميشه جيان ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ هاڻ ايمبولينس بدران فضل الرحمان اتي پهتو آهي.

هن چيو ته ميان صاحب کي سياسي آڪسيجن ، مولانا فضل الرحمان ڏئي رهيو آهي، جنهن جو عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*