ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فاٽا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ تي مولانا فضل الرحمان پريشان آهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فاٽا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ تي مولانا فضل الرحمان پريشان آهي، آصف زرداري ۽ حمزه شهباز جا پئسا آهستي آهستي نڪري رهيا آهن.

 راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ايندڙ 3 مهينا ملڪ لاءِ انتهائي اهم آهن، آصف زرداري جو فالودي وارو ۽ شهباز شريف جو هٿوڙي وارو هڪ ئي نڪتا آهن.

هن چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي، جيڪو عوام ۾ رهڻ چاهي، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف جيڪو لُٽيو، ان جو حڪومت وياج 7 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي.

شيخ رشيد چيو ته چورن ۽ ڦورن ناڻي کي گهڻو لُٽيو، آصف زرداري جو فالودي وارو ۽ شهباز شريف جو هٿوڙي وارو هڪ ئي نڪتا آهن، شهباز شريف کي هُن پاڻ اين آر او گهرندي ڏٺو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن دوا، پيٽرول ۽ گيس مهانگو ٿئي ٿو ته گوشت مهانگو ٿيڻ سان قيامت نه ايندي، سلاٽر هائوس کي گهٽ شرح تي وياج ڏياريندس.

فاٽا ۾ چونڊن بابت ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته فاٽا ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي واضح ڪاميابي تي مولانا فضل الرحمان انتهائي پريشان آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*