اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿي ڪري بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿي ڪري بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

 قومي احتساب بيورو اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ طلب ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي گڏيل جاچ ٽيم خواجا آصف جو بيان ريڪارڊ ڪيو.

خواجا آصف پنهنجن اثاثن بابت ڪجهه دستاويز به پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو.

ذريعن موجب نيب ٽيم پاران خواجا آصف کان اثاثن بابت تفصيل پڇيا ويا.

بيان ريڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ خواجا آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن نيب وٽ پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو، نيب کي سوالن جا جواب ڏنا، جيڪو پڇيو ويو،انهن جا جواب ڏنا.

خواجا آصف ٻڌايو ته نيب وارن کيس چانهه به پياري…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*