سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري ايراضي تي پيٽرول پمپز ڏيڻ واري ڪيس جي شنوائي دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي

سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري ايراضي تي پيٽرول پمپز ڏيڻ واري ڪيس جي شنوائي دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري اثاثن کي بي رحمي سان ورهايو ويو، ڇو نه معاملو نيب کي موڪلي ڇڏيون؟جسٽس عظمت سعيد چيو ته نيب پاڻ ڏسي وٺندو ته ان معاملي ۾ ڪهڙو غلط ڪم ٿيو آهي، هي لاهور هائي ڪورٽ ناهي، جتي گوڙ ڪري فيصلو ورتو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس عظمت سعيد ڪيس جي شنوائي ڪندي وڪيلن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجو آواز اوچو نه ڪن.

عدالت جي ريمارڪس تي درخواستگذار جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته جج صاحب توهان به لاهور کان آيا آهيو.

وڪيل بئريسٽر اعتزاز  احسن عدالت اڳيان استدعا ڪئي ته پيٽرول پمپز جي سائيٽس کي پنجن سالن لاءِ ليز ڏني پئي وڃي، جيڪا گهٽ آهي.

هن چيو ته جنهن  کي سائيٽس ليز تي وٺڻي آهي، ان کي ڪروڙين رپيا زمين تي لڳائڻا آهن.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته ليز جي مدي تي ورڪ آئوٽ ڪري سگهجي ٿو.

ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن  چيو ته گلبرگ ليبارٽري مارڪيٽ ۾ هڪ سائيٽ پنج هزار رپين جي ڪرائي تي ڏني وئي ۽ مصري شاهه ۾ هڪ سائيٽ ڇهه سو رپين جي ڪرائي ڏني وئي هئي.

پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت 2003 ۾ ڪمرشل ۽ صنعتي سائيٽس جي وڪري جي پاليسي جوڙي هئي، جيڪا هاڻ ختم ڪئي وئي آهي.

جسٽس فيصل عرب چيو ته لڳي ٿو ته هي پاليسي ڪرايو نه ملڻ سبب جوڙي وئي،  مناسب ڪرايو ملي وڃي ته سائيٽس کي وڪرو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ سائيٽ جو ڪرايو 18 هزار  کان وڌائي هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ڪيو ويو.  ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*