دادو ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو

دادو ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو.

آءِ ٽي، بي اي ۽ انگلش ڊپارٽمينٽ جي شاگردن  سارنگ، تابش شاھه،  شيراز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

شاگردن چيو ته انتظاميا پاران يونيورسٽي فنڊز ۾ڪروڙين رپين ڪرپشن سبب دادو ڪئمپس جو ڏيوالو نڪري ويو آهي.

  هنن وڌيڪ چيو ته دادو ڪئمپس ۾ پارڪ جي بحالي نه ٿيڻ، ڪلاس روم ۾ خراب پکا نه ٺاهڻ، اي سي نه هلڻ سبب شاگرد پريشانين کي  منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن  نيب ۽ ٻين ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شڪايتن جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*