سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي، سڄي صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي

ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي سميت ٻين سامونڊي علائقن  ۾ تيز هوائون گهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان پوءِ سنڌ سرڪار اڳواٽ ئي اپاءُ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته مڪاني ادارن جي ملازمن جون موڪلون پڻ رد ڪيون ويون آهن.

موسميات کاتي موجب تيز هوائن جو سلسلو چئن کان پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب تيز هوائن جي رفتار 10 کان 20 ناٽيڪل ميل تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته تيز ۽ گِهميَل هوائن سبب شهر ۾ ڌنـُـــڌ به ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ امڪاني برسات سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مڪاني اداري جي ملازمن جون موڪلون پڻ بند ڪيون ويون آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته سمورا آفيسر امڪاني برسات سبب ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.

هن واٽر بورڊ جَي ايَم ڊِي، ايڊمنسٽريٽر ڪيَ ايَم سِي ۽ سمورن ضلعن جي چيف انجنيئرز، ايڊمنسٽريٽرز ۽ ميونسيپل ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ نالن جي صفائي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي سمورا حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*