سپر هٽ فلم “دي لائن ڪنگ” جي ساڳئي نالي سان ري ميڪ فلم تيار ڪئي وئي

     

      1994 جي سپر هٽ فلم “دي لائن ڪنگ” جي ساڳئي نالي سان ري ميڪ فلم تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سمبا نالي شينهن جي واپسي ڏيکاري وئي آهي. ڊزني لينڊ جي 1994 واري فلم دي لائن ڪنگ سموري دنيا ۾ زبردست مقبوليت ماڻي هئي ۽ اها فلم اڄ به ننڍن توڙي وڏن ۾ مقبول بڻيل آهي.

        دي لائن ڪنگ جي ري ميڪ فلم جي ڪهاڻي به سمبا نالي ننڍڙي شينهن جي چوڌاري ڦري ٿي، جنهن کي اڳتي هلي جهنگ جو بادشاهه ٿيڻو آهي.  1994 واري فلم جي ڊائريڪشن راجر ايلرز ۽ روب منڪوف ڏني هئي، نئين فلم جي ڊائريڪشن جون فيورو ڏني آهي. نئين فلم جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

         “دي لائن ڪنگ” ماڻهن ۾ ڪيتري مقبول آهي ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي جاري ڪيل پهرين ٽريلر کي 24 ڪلاڪن دوران 68 لک کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺو آهي ۽ ان کي پسند به ڪيو آهي. فلم 19 جولاءِ تي رليز ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*