بدين ويجهو ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ٿي ويو

بدين ويجهو ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حيدرآباد روڊ تي شيخ عمر اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتار ٽرڪن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.

خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور علي نواز شورو  ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي کان پوءِ ٽنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*