سوڊان ۾ فوج صدر عمر البشير جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو

سوڊان ۾ فوج صدر عمر البشير جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو،صدارتي محل ٻاهران 6 ڏينهن تائين ڌرڻي کانپوءِ سوڊان جي فوج ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون.

سوڊان ۾ سياسي عدم استحڪام کانپوءِ فوج پاران  اڳوڻي صدر  عمرالبشير کي گرفتار ڪري ورتو .

فوج  محلات جو گهيرو ڪري  ،ريڊيو ۽ ٽي وي جو ڪنٽرول به سنڀالي ورتو آهي.

فوج 30 سالن کان  ملڪ جي صدر عمر بشير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

ملڪ ۾ سياسي پارٽين جي خلاف وٺ پڪڙ کانپوءِ ڪيترائي سينئر اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن ۽  ملڪ جا سمورا ايئر پورٽ بند ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*