لکي غلام شاھ لڳ شهيد اهلڪار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو ڪچي واري علائقي ۾ ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري

لکي غلام شاھ لڳ شهيد اهلڪار سرفراز مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو ڪچي واري علائقي ۾ ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري آهي، ڳوٺ کي ڪڙي دوران جوابدار هٿ نه اچڻ تي 8 گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

چڪ لڳ شھيد ٿيل اهلڪار سرفراز مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪچي واري علائقي ٽئين ڏينهن به ڪارروايون جاري رکيون.

ڪچي ۾آپريشن دوران پوليس جوابدار هٿ نه اچڻ تي ڳوٺ شفيع جتوئي ۾ 8 گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ قالو خان قادراڻي کي ٻي ڏينهن به پوليس جو ڪڙو برقرار آهي.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پوليس جي ٽن ڏينهن جي ڪاررواين دوران شهيد اهلڪار جي قتل ڪيس جو هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*