سيوھڻ ۾ غربت کان تنگ پورهيت زال جي ڪاوڙجي وڃڻ تي مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

سيوھڻ ۾ غربت کان تنگ پورهيت زال جي ڪاوڙجي وڃڻ تي مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، پورهيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پورهيت جو 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.

اسٽيشن پاڙي جي ڪچي آبادي واري علائقي جي رھواسي 42 ورھين جي پورھيت محمد جمن سولنگي جھاز چوڪ وٽ پاڻ تي تيل ھاري باھ ڏئي ڇڏي، اتي موجود شھرين باهه وسائي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي  سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ پهچايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

پورهيت جو طبي معائنو ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب سڙي زخمي ٿيل پورهيت  جو جسم 90 سيڪڙو سڙي چڪو آهي.

ھوڏانھن  پاڻ ساڙيندڙ پورھيت محمد جمن سولنگي جي ڀائرن شھزاد ۽ سجاد سولنگي ٻڌايو ته سندن ڀاءُ غربت سبب سخت پريشان رھندو ھو.

هنن چيو ته غربت سبب ھن جو روز پنهنجي زال سان جھيڙو ٿيندو رھندو ھو، ڪالھه پڻ جهيڙي بعد سندس زال ڪاوڙجي مائٽن  وٽ لاڙڪاڻي  ھلي وئي، جنهن تان هن پاڻ تي تيل هاري باهه ڏئي ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*