حيدرآباد ۾ حددخليون هٽائڻ دوران  دڪاندارن ۽ ميونسپل  عملي وچ ۾ چڪريون ٿي پيون ۽ مڇريل دڪاندارن ڪرين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا

حيدرآباد ۾ حددخليون هٽائڻ دوران  دڪاندارن ۽ ميونسپل  عملي وچ ۾ چڪريون ٿي پيون ۽ مڇريل دڪاندارن ڪرين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.

بدين اسٽاپ وٽ ميونسپل عملي حد دخلين خلاف آپريشن ڪندي دڪانن جا ڇپرا ، دڪا ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.

حددخليون هٽائڻ دوران دڪاندارن ۽ ميونسپل عملي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران مڇريل دڪاندارن ڪِرين جا شيشا ٽوري ڇڏيا.

متاثر دڪاندارن جو چوڻ هو ته ميونسپل امتظاميا سندن دڪان ڊاهي کين بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي هو ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪيئن ڪندا.

ڪجهه دڪاندارن روزگار لاءِ متبادل جڳهه ڏيڻ ته ڪجهه  وري نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*