سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل هڪ شهري جي گهر واري مڙس کي بازياب نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ٻارڙن سميت آپگهات ڪرڻ  جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل هڪ شهري جي گهر واري مڙس کي بازياب نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ٻارڙن سميت آپگهات ڪرڻ  جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، عدالت آءِ جي سنڌ، وفاقي گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي مان گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران گم ٿيل هڪ شهري مشتاق جي گهر واري عدالت ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته سندس مڙس جي گم ٿيڻ کانپوءِ ٻچا لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن.

گم ٿيل مشتاق جي گهر واري عدالت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندس مڙس کي بازياب نه ڪرايو ويو ته هوءَ ٻارڙن سوڌو آپگهات ڪري ڇڏيندي.

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهرو وزارت کان جواب طلب ڪندي ايف آءِ اي کي گم ٿيل شهري جي سفري هسٽري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…….

ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا اختيار سيشن جج کان واپس وٺي پوليس حوالي ڪرڻ خلاف پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڪيلن هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مطاهرا ڪيا پيا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن مک گيٽ تي ڌرڻو هڻي سرڪاري وڪيلن کي روڪي ورتو، جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون متاثر ٿي رهيون آهن.

ڪيس داخل ڪرڻ بابت عدالتن جا اختيار گهٽائي پوليس حوالي ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو هڪ ڀيرو ٻيهر بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.

ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، ملير ، سٽي ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتن جي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪلين عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد مک گيٽ تي ڌرڻو هڻي سرڪاري وڪيلن کي عدالت وڃن کان روڪي ورتو.

وڪلين جي بائيڪاٽ سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون متاثر ٿي رهيون آهن.

سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ، سيشن ڪورٽ، احتساب عدالت، اي ٽي سي، ليبر ڪورٽيس ۽ ٻين عدالتن  ۾ وڪيلن ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيترن ئي ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*