پشاور سميت ڪي پي ڪي جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جي جهٽڪن سبب خوف پکڙجي ويو

پشاور سميت خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جي جهٽڪن سبب هراس پکڙجي ويو آهي.

ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت پنج ڏهائي پنج رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جا جهٽڪا پشاور، سوات، مالا ڪنڊ ۽ دير بالا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي جي جهٽڪن سبب متاثر علائقن ۾ خوف پکڙجي ويو، زلزلي ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جو مرڪز تاجڪستان هو.

زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*