لاڙڪاڻي ۾پي ايم اي جي مرڪزي صدر ۽ ڊاڪٽرياڻي جي تقريب دوران منهن ماري جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي

لاڙڪاڻي ۾پي ايم اي جي مرڪزي صدر ۽ ڊاڪٽرياڻي جي تقريب دوران منهن ماري جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ۾سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ڪمشنر وچ ۾پئي معاملو ٽاري ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي مقامي هوٽل ۾تقريب دوران پي ايم اي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر اڪرام تنيو ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊائريڪٽر ڪمپلين فرحانه وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن جي وڊيو به سامهون آئي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريب ۾سوالن جوابن دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي سان سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڊاڪٽر فرحانه پي ايم اي جي صدر اڪرام تنيو کي مخالف ٿيندي چيو ته “چپ ڪري ويهو، عورتن سان ايئن نه ڳالهائبو آهي، تقريب ۾ڪيس داخل ڪرڻ آيا آهيو ڇا ؟”

ڊاڪٽر  اڪرام تنيو ڊاڪٽرياڻي فرحانه کي جواب ڏيندي چيو ته “عجيب عورت آهي” .

تقريب دوران ٻنهي اڳواڻن ۾منهن ماري ٿيڻ کانپوءِ ڪمشنر وچ ۾ پئي معاملو ٽاري ڇڏيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*