عدليه جي آزادي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ جي ججز جا ريمارڪس

سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن جي قيام ۽ 18 هين ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻيءَ دوران ججز ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدليه جي آزادي ۽ انتظاميه جي ان کان علحيدگي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، پارليامينٽ جي چونڊيل نمائندن کان ججز جي مقرري بابت راءِ وٺڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ ڇا ڪنهن ترميم کي آئين سان ٽڪراءَ جوڳو قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو.

چيف جسٽس،جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ 18 هين ترميم ۽ فوجي عدالتن جي قيام خلاف گڏيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران مختلف بارز جي وڪيل حامد خان آئيني جي بنيادي ڍانچي ۽ججز جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي بابت دليل جاري رکيا.

 حامد خان چيو ته ججز جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جي ڪا ضرورت ناهي، ان کي ختم ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس ثاقب نثار کائنس پڇاڻو ڪيو ته عدليه جي آزادي ۽ انتظاميه جي ان کان علحيدگي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي پر ڇا بنيادي ڍانچي بابت ترميمي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو؟.

حامد خان چيو ته هـُو ججز جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي بابت دليل ڏيندو، پارلياماني ڪميٽي عدليه آزادي ۽ اختيارن جي ورهاست جي خلاف آهي.

جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ پنهنجي آهي، اتي چونڊيل نمائندا ويٺل آهن، کانئن ججز جي مقرري بابت مشاورت ڪرڻ ۾ ڪجهڙو حرج آهي.؟

حامد خان چيو ته آخرڪار ايتري عرصي کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي آهي، ان تي جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي کي جڊيشل ڪميشن سان گڏايو وڃي ته ڇا هي جهيڙو ختم ٿي ويندو.؟

حامد خان چيو ته ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڏسڻو پوندو ته نمائندگي جو تناسب ڇا آهي؟.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو ته ججز جي مقري بابت ڊسمبر 1972 اپريل کان 1973 تائين آئيني ترميم تي 4 مهينا بحث ڪيو ويو، پر موجوده ترميم رڳو اڌ ڪلاڪ ۾ منظور ڪئي وئي.

چيف جسٽس، درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدليه جي اختيارن ۽ ورهاست بابت ترميم کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته ججز جي مقرري بابت ترميم آئين جي ڪهڙي شق جي خلاف آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*