جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت جي مخالفت ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾  جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت جي مخالفت ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾  جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

نيب جي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت بابت درخواست تي جواب جمع ڪرايو.

جواب ۾ نيب ڄاڻايو آهي ته آصف زرداري اثر رسوخ استعمال ڪري بينڪن کان قرض ورتو،انڪري هو ڪنهن به رليف جو حقدار ناهي،آصف زرداري ضمانت واري درخواست ۾ غلط بياني ڪئي.

نيب پراسيڪيورٽر وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته  آصف زرداري ٻين جوابدارن سان گڏجي نيشنل بينڪ کان ڏيڍ ارب رپين جو قرض ورتو، نيب سان سهڪار نه ڪيو پيو وڃي.

نيب استدعا ڪئي ته آصف زرداري  جي پارڪ لين ڪمپني ۾ ضمانت رد ڪئي وڃي.

واضح رهي ته نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*