سپريم ڪورٽ، سنڌ سرڪار کي ڪي اليڪٽرڪ جون 58 ڪروڙ رپين  واريون رهتون پنجن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، سنڌ سرڪار کي ڪي اليڪٽرڪ جون 58 ڪروڙ رپين  واريون رهتون پنجن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت کي رهتن ۽ اختيارن جي ورڇ وارا معاملا گڏ ويهي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهري حڪومت پاران ڪي اليڪٽرڪ کي 58 ڪروڙ رپيا رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ميئر وسيم اختر عدالت آڏو پيش ٿي چيو ته مون وٽ ڪي اليڪٽرڪ جون رهتون ادا ڪرڻ ته ڇا ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ ئي پيسا نه آهن، پارڪنگ فيس، سميت سمورو روينيو ته سنڌ حڪومت کڻي ٿي وڃي.

وسيم اختر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ته شهري حڪومت جا 7 ارب رهتون ڏيڻيون آهن.

ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن چيو ته ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت ڄاڻي سندن معاملا ڄاڻين پر اسان کي پنهنجي رقم ڏياري وڃي.

عدالت مناست حل نه ڳولڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري شهرين جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي.

عدالت سنڌ حڪومت کي ڪي اليڪٽرڪ جون رهتون 5 قسطن ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*