حيدرآباد ۾ روڊ حادثي دوران سينيئر صحافي ۽ روزاني شام اخبار جي نيوز ايڊيٽر زاهد ملڪ  سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

حيدرآباد ۾ روڊ حادثي دوران سينيئر صحافي ۽ روزاني شام اخبار جي نيوز ايڊيٽر زاهد ملڪ  سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زاهد ملڪ ڪوٽڙي کان حيدرآباد اخبار جي آفيس اچي رهيو ته هڪ ڪار سندس موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو.

راڻي باغ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سينيئر صحافي روزاني شام اخبار جو نيوز ايڊيٽر زاهد ملڪ ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيا.

پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ سندس صحافي دوست زاهد ملڪ ۽ سندس ساٿي کي حيدرآباد جي سول اسپتال جي نيورو وارڊ ۾داخل ڪرايو.

زاهد ملڪ ڪوٽڙي کان حيدرآباد آفيس وڃي رهيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*