پيپلز پارٽي چورن ۽ ڌاڙيلن جي ور چڙهي وئي آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا

اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته پيپلز پارٽي چورن ۽ ڌاڙيلن جي ور چڙهي وئي آهي، کيس ٻڌايو وڃي ته ماڊل ايان علي ملڪ لاءِ ڪهڙي قرباني ڏني آهي جو کيس ايڏي وڏي سڪيورٽي ڏني وئي آهي.

ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا چيو ته هن پيپلز پارٽي کان مايوس ٿي عدالت جو دروازو کڙڪايو آهي.

هن چيو ته سندس گهرواري اڳوڻي اسپيڪر ۽ وقت صدر رهي آهي جڏهن ته سندس پٽ ايم پي اي آهي تنهنڪري کين حياتين جو خطرو آهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته کيس آصف زرداري ۽ الطاف حسين مان وڏو خطرو آهي تنهنڪري سڪيورٽي ڏني وڃي.

هن چيو ته هو اڳوڻو گهرو وزير رهيو آهي پر کائنس سڪيورٽي کسي وئي آهي.

ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته ماڊل ايان علي کي به سڪيورٽي ملي آهي پر کيس ٻڌايو وڃي ته ماڊل ايان ملڪ لاءِ ڪهڙي قرباني ڏني آهي.

اڳوڻي گهرو وزير جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته ساڻس عدالت انصاف ڪندي.

Comments

  1. TOUQEER HUSSAIN
    TOUQEER HUSSAIN 29 April, 2015, 19:09

    me laanat bhejta hon sindh ki puri hukoomat me bethai huee siyasi leadero par ALLAH IN PAR APNA AZAAB NAAZIL KARE AAMEEN.

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*