ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ هزارا برادريءَ جي ماڻهن جو اولهندي باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو جاري آهي

ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ هزارا برادريءَ جي ماڻهن جو اولهندي باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو جاري آهي.احتجاج ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ موجود آهي.

ڪوئيٽا ۾ گذريل ڏينهن فروٽ مارڪيٽ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 شهري شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا هئا، جن مان 8 شهرين جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.

آپگهاتي حملي ۾ جاني نقصان کانپوءِ هزارا برادري جي ماڻهن جو اولهندي باءِ  پاس تي ڌرڻو جاري آهي.

ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي.احتجاج ۾ شامل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

ڌرڻي ۾ شامل هزارا برادري جي ماڻهن سان ڊپٽي ڪشمنر ڳالهين لاءِ پهتو ، پر انهن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هزارا برداري کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪي معاهدا ڪيا ويا، انهن تي عمل ڪيو وڃي.

ٻئي طرف بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ سول اسپتال ۾ داخل 38 مان 26  زخمي شهرين کي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

سول اسپتال انتظاميا مطابق سول اسپتال ۾ 4 زخمي داخل آهن، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي.

بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ 12 زخمي موجود آهن، جن مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*